تاتاري قوم

تاتاري قوم: لفظ ”تاتار“ ابتدا ۾، انهيءَ ننڍي قبيلي جو نالو هو، جيڪو اصل مغلن جي دؤر ۾ آباد هو، جنهن جا ماڻهو شڪل صورت ۾ ساڻن ڪافي ملندڙ هئا. اهو معلوم ناهي ته ان لفظ جو اصل بنياد ڪنهن قديم مغل سردار ’تاتور‘ جو نالو آهي يا چيني لفظ ’تاتا‘ آهي. موجوده محققن جي راءِ آهي ته انهيءَ لفظ ”تار تار“ کي ٻيهر رائج ڪيو وڃي. وٽن دليل آهي ته مغلن وٽ لفظ ’تار‘ جو مطلب ’اوٻاش‘ يا ’لاڏائو‘ هو ۽ ان لفظ تي زور ڏيڻ سان ان جو تڪرار ڪندي ’تار تار‘ چوندا هئا. جڏهن ته چيني ’ر‘ ڳالهائي نه سگهندا آهن، ان لاءِ هو ان کي ’تا- تا اديره‘ چوندا هئا. جيئن ته لاڏائو قبيلن مان چينين سان تمام ويجهو قبيلو ’تاتاري‘ ئي هو، ان لاءِ اهي سڀ لاڏائو قبيلن کي تاتاري ئي چوڻ لڳا. حالانڪه 19 صدي ۾ جيڪي يورپي سياح پهريون ڀيرو اوٻاشن جي علائقن ۾ پهتا، تن کي مغلن پنهنجي لاءِ لفظ ’تاتاري‘ استعمال ڪرڻ کان منع ڪيو هو، ڇو ته تاتاري انهن قبيلن مان هڪ هو، جن تي هنن برتري حاصل ڪئي هئي. 1200ع بعد مغلن کان شڪست کائي تاتاري برباد ٿيا، ڇو ته سندن جي سلطنت جي هٿياربند قبيلن ۾ ضم ٿي ويا هئا. تيمور جي وڏن (برلاس قبيلي) جو تعلق انهن اصلي تاتارين سان نه هو، جيڪي ڍنڍ بوبار جي چوڌاري ۽ ڪجهه ٻين هنڌن تي جانورن جو شڪار ڪندا هئا. برلاس انهيءَ قوم مان هئا، جنهن کي آڳاٽا ’ترڪ‘ چون ٿا، پر انهن لاءِ به ’تاتار‘ کان بهتر ڪو نالو نه آهي. لفظ ”تاتار“ کي ابن خلدون ڪتاب ’العبر‘ ۾ هر جاءِ تي هونئن ته ’تاتاري‘ لکيو هو، پر مقدمي ۾ ’تتار‘ لکيو آهي. سنڌ ۾ ارغونن، ترخانن ۽ مغل حملي آورن لاءِ ”تاتاري“ لفظ ڪم آندو ويندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو